Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |
Yā -Sīn
| 036-001 اي پيغمبر.
|
يَا-سِين |
Wa Al-Qur'āni Al-Ĥakīmi
| 036-002 (ھن) حِڪمت واري قرآن جوقسم آھي.
|
وَالْقُرْآنِ الْحَكِيمِ |
'Innaka Lamina Al-Mursalīna
| 036-003 ته بيشڪ تون پيغمبرن مان آھين.
|
إِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِينَ |
`Alá Şirāţin Mustaqīmin
| 036-004 (بيشڪ تون) سڌي واٽ تي آھين.
|
عَلَى صِرَاطٍ مُسْتَقِيمٍ |
Tanzīla Al-`Azīzi Ar-Raĥīmi
| 036-005 (الله) غالب مھربان وٽان (قرآن جو) لاھڻ آھي.
|
تَنزِيلَ الْعَزِيزِ الرَّحِيمِ |
Litundhira Qawmāan Mā 'Undhira 'Ābā'uuhum Fahum Ghāfilūna
| 036-006 (ھن لاءِ) ته اھڙي قوم کي ڊيڄارين جو سندن پيءُ ڏاڏا نه ڊيڄاريا ويا آھن تنھنڪري اُھي بي خبر آھن.
|
لِتُنذِرَ قَوْما ً مَا أُنذِرَ آبَاؤُهُمْ فَهُمْ غَافِلُونَ |
Laqad Ĥaqqa Al-Qawlu `Alá 'Aktharihim Fahum Lā Yu'uminūna
| 036-007 بيشڪ انھن مان گھڻن تي (عذاب جو) قول لازم ٿيو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه ٿا آڻين.
|
لَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلَى أَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لاَ يُؤْمِنُونَ |
'Innā Ja`alnā Fī 'A`nāqihim 'Aghlālāan Fahiya 'Ilá Al-'Adhqāni Fahum Muqmaĥūna
| 036-008 بيشڪ اسان سندن ڳچين ۾ ڳَٽ وڌا پوءِ اُھي کاڏين تائين (پيل) اٿنتنھنڪري اُھي ڳاٽي ٽنگيل آھن.
|
إِنَّا جَعَلْنَا فِي أَعْنَاقِهِمْ أَغْلاَلا ً فَهِيَ إِلَى الأَذْقَانِ فَهُمْ مُقْمَحُونَ |
Wa Ja`alnā Min Bayni 'Aydīhim Saddāan Wa Min Khalfihim Saddāan Fa'aghshaynāhum Fahum Lā Yubşirūna
| 036-009 ۽ سندن اڳيان اوٽ ۽ سندن پوئتان (به) اوٽ ڪئي سون پوءِ کين ڍڪيوسون تنھنڪري اُھي (ڪجھ) نه ڏسندا.
|
وَجَعَلْنَا مِنْ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ سَدّا ً وَمِنْ خَلْفِهِمْ سَدّا ً فَأَغْشَيْنَاهُمْ فَهُمْ لاَ يُبْصِرُونَ |
Wa Sawā'un `Alayhim 'A'andhartahum 'Am Lam Tundhirhum Lā Yu'uminūna
| 036-010 ۽ کين تون ڊيڄارين يا نه ڊيڄارين سندن لاءِ ھڪ جھڙو آھي تنھنڪري اُھي ايمان نه آڻيندا.
|
وَسَوَاءٌ عَلَيْهِمْ أَأَنذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنذِرْهُمْ لاَ يُؤْمِنُونَ |
'Innamā Tundhiru Mani Attaba`a Adh-Dhikra Wa Khashiya Ar-Raĥmana Bil-Ghaybi ۖ Fabashshirhu Bimaghfiratin Wa 'Ajrin Karīmin
| 036-011 تون رڳو اُن کي ڊيڄاريندين جيڪو نصيحت تي ھلي ۽ ٻاجھاري (الله) کان پرپُٺ ڊڄي، ته پوءِ اُن کي بخشش ۽ سڳوري اجر جي خوشخبري ڏي.
|
إِنَّمَا تُنذِرُ مَنِ اتَّبَعَ الذِّكْرَ وَخَشِيَ الرَّحْمَنَ بِالْغَيْبِ ۖ فَبَشِّرْهُ بِمَغْفِرَةٍ وَأَجْرٍ كَرِيمٍ |
'Innā Naĥnu Nuĥyi Al-Mawtá Wa Naktubu Mā Qaddamū Wa 'Āthārahum ۚ Wa Kulla Shay'in 'Ĥşaynāhu Fī 'Imāmin Mubīnin
| 036-012 بيشڪ اسين مُئن کي جياريندا آھيون ۽ جيڪي (مَدا توڻي چڱا ڪم ڪري) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن پيرن جا نشان لکون ٿا، ۽ ھر شيء کي پڌري ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻيو اٿون.
|
إِنَّا نَحْنُ نُحْيِ الْمَوْتَى وَنَكْتُبُ مَا قَدَّمُوا وَآثَارَهُمْ ۚ وَكُلَّ شَيْءٍ أحْصَيْنَاهُ فِي إِمَامٍ مُبِينٍ |
Wa Ađrib Lahum Mathalāan 'Aşĥāba Al-Qaryati 'Idh Jā'ahā Al-Mursalūna
| 036-013 ۽ اُنھن سان ڳوٺ (انطاڪيہ) وارن جو قصّو بيان ڪر، جڏھن وٽن پيغمبر آيا.
|
وَاضْرِبْ لَهُمْ مَثَلاً أَصْحَابَ الْقَرْيَةِ إِذْ جَاءَهَا الْمُرْسَلُونَ |
'Idh 'Arsalnā 'Ilayhimu Athnayni Fakadhdhabūhumā Fa`azzaznā Bithālithin Faqālū 'Innā 'Ilaykum Mursalūna
| 036-014 (يعني) جڏھن اُنھن ڏانھن ٻن پيغمبرن کي موڪليوسون پوءِ ٻنھي کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ٽئين سان غلبو ڏنوسون پوءِ (گڏجي) چيائون ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.
|
إِذْ أَرْسَلْنَا إِلَيْهِمُ اثْنَيْنِ فَكَذَّبُوهُمَا فَعَزَّزْنَا بِثَالِثٍ فَقَالُوا إِنَّا إِلَيْكُمْ مُرْسَلُونَ |
Qālū Mā 'Antum 'Illā Basharun Mithlunā Wa Mā 'Anzala Ar-Raĥmānu Min Shay'in 'In 'Antum 'Illā Takdhibūna
| 036-015 چيائون ته اوھين ته رڳو اسان جھڙا ماڻھو آھيو ۽ ٻاجھاري (الله) ڪا شيءَ نه لاٿي آھي اوھين رڳو ڪُوڙا آھيو.
|
قَالُوا مَا أَنْتُمْ إِلاَّ بَشَرٌ مِثْلُنَا وَمَا أَنزَلَ الرَّحْمَنُ مِنْ شَيْءٍ إِنْ أَنْتُمْ إِلاَّ تَكْذِبُونَ |
Qālū Rabbunā Ya`lamu 'Innā 'Ilaykum Lamursalūna
| 036-016 چيائون ته اسان جو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته بيشڪ اسين اوھان ڏانھن موڪليل آھيون.
|
قَالُوا رَبُّنَا يَعْلَمُ إِنَّا إِلَيْكُمْ لَمُرْسَلُونَ |
Wa Mā `Alaynā 'Illā Al-Balāghu Al-Mubīnu
| 036-017 ۽ اسان تي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪجھ)لازم نه آھي.
|
وَمَا عَلَيْنَا إِلاَّ الْبَلاَغُ الْمُبِينُ |
Qālū 'Innā Taţayyarnā Bikum ۖ La'in Lam Tantahū Lanarjumannakum Wa Layamassannakum Minnā `Adhābun 'Alīmun
| 036-018 چيائون ته بيشڪ اسان اوھان جي (اچڻ) سببان بدبختي سمجھي آھي، جيڪڏھن اوھين نه جھلبؤ ته ضرور اوھان کي پھڻن سان مارينداسون ۽ ضرور اسان کان اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب پھچندو.
|
قَالُوا إِنَّا تَطَيَّرْنَا بِكُمْ ۖ لَئِنْ لَمْ تَنتَهُوا لَنَرْجُمَنَّكُمْ وَلَيَمَسَّنَّكُمْ مِنَّا عَذَابٌ أَلِيمٌ |
Qālū Ţā'irukum Ma`akum ۚ 'A'in Dhukkirtum ۚ Bal 'Antum Qawmun Musrifūna
| 036-019 (پيغمبرن) چيو ته اوھان جي بدبختي اوھان سان آھي، جيڪڏھن اوھان کي نصيحت ڏبي آھي ته (انھيءَ ڪري) ڇا؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھيل قوم آھيو.
|
قَالُوا طَائِرُكُمْ مَعَكُمْ ۚ أَئِنْ ذُكِّرْتُمْ ۚ بَلْ أَنْتُمْ قَوْمٌ مُسْرِفُونَ |
Wa Jā'a Min 'Aqşá Al-Madīnati Rajulun Yas`á Qāla Yā Qawmi Attabi`ū Al-Mursalīna
| 036-020 ۽ شھر جي پرين پاسي کان ھڪ مڙس ڊوڙندو آيو چيائين ته اي منھنجي قوم پيغمبرن جي تابعداري ڪريو.
|
وَجَاءَ مِنْ أَقْصَى الْمَدِينَةِ رَجُلٌ يَسْعَى قَالَ يَاقَوْمِ اتَّبِعُوا الْمُرْسَلِينَ |
Attabi`ū Man Lā Yas'alukum 'Ajrāan Wa Hum Muhtadūna
| 036-021 (اوھين) انھن جي تابعداري ڪريو جيڪي اوھان کان اُجورو نه گھرندا آھن ۽ اُھي سڌيءَ واٽ وارا آھن.
|
اتَّبِعُوا مَنْ لاَ يَسْأَلُكُمْ أَجْرا ً وَهُمْ مُهْتَدُونَ |
Wa Mā Liya Lā 'A`budu Al-Ladhī Faţaranī Wa 'Ilayhi Turja`ūna
| 036-022 ۽ مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو انھيءَ خُدا جي عبادت نه ڪريان جنھن مونکي پيدا ڪيو ۽ (اوھين به) ڏانھس موٽايا ويندؤ.
|
وَمَا لِيَ لاَ أَعْبُدُ الَّذِي فَطَرَنِي وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ |
'A'attakhidhu Min Dūnihi~ 'Ālihatan 'In Yuridni Ar-Raĥmānu Biđurrin Lā Tughni `Annī Shafā`atuhum Shay'āan Wa Lā Yunqidhūni
| 036-023 اُن کانسواءِ ٻيا معبود وٺان ڇا؟ جيڪڏھن ٻاجھارو (الله) مونکي ڏُک پھچائڻ گھري ته اُنھن جي شفاعت مونکان ڪجھ (به ڏک) نه ٽاريندي ۽ نڪي (اُھي) مون کي ڇڏائيندا.
|
أَأَتَّخِذُ مِنْ دُونِهِ آلِهَة ً إِنْ يُرِدْنِ الرَّحْمَنُ بِضُرٍّ لاَ تُغْنِ عَنِّي شَفَاعَتُهُمْ شَيْئا ً وَلاَ يُنقِذُونِ |
'Innī 'Idhāan Lafī Đalālin Mubīnin
| 036-024 (جي ائين ڪندس ته) بيشڪ آءٌ اُنھيءَ مھل پڌري گمراھيءَ ۾ ھوندس.
|
إِنِّي إِذا ً لَفِي ضَلاَلٍ مُبِينٍ |
'Innī 'Āmantu Birabbikum Fāsma`ūni
| 036-025 بيشڪ مون اوھان جي پالڻھار تي ايمان آندو آھي، پوءِ مون کان ٻُڌو.
|
إِنِّي آمَنْتُ بِرَبِّكُمْ فَاسْمَعُونِ |
Qīla Adkhuli Al-Jannata ۖ Qāla Yā Layta Qawmī Ya`lamūna
| 036-026 (اِن چوڻ تي کيس شھيد ڪيائون) چيو ويس ته بھشت ۾ گھڙ، چيائين ھيءارمان (جيڪر) منھنجي قوم ڄاڻي ھا.
|
قِيلَ ادْخُلِ الْجَنَّةَ ۖ قَالَ يَالَيْتَ قَوْمِي يَعْلَمُونَ |
Bimā Ghafara Lī Rabbī Wa Ja`alanī Mina Al-Mukramīna
| 036-027 ته ڇاجي ڪري منھنجي پالڻھار مون کي بخشيو ۽ مون کي عزت وارن مان ڪيائين.
|
بِمَا غَفَرَ لِي رَبِّي وَجَعَلَنِي مِنَ الْمُكْرَمِينَ |
Wa Mā 'Anzalnā `Alá Qawmihi Min Ba`dihi Min Jundin Mina As-Samā'i Wa Mā Kunnā Munzilīna
| 036-028 ۽ کانئس پوءِ سندس قوم تي آسمان کان ڪو لشڪر نه لاٿوسون ۽ نڪي (لشڪر) لاھيندڙ آھيون.
|
وَمَا أَنزَلْنَا عَلَى قَوْمِهِ مِنْ بَعْدِهِ مِنْ جُندٍ مِنَ السَّمَاءِ وَمَا كُنَّا مُنزِلِينَ |
'In Kānat 'Illā Şayĥatan Wāĥidatan Fa'idhā Hum Khāmidūna
| 036-029 (سندن سزا) رڳو ھڪ سخت رڙ ھئي پوءِ اُنھي (ئي) دم اُھي (باھ وانگر) وسامي (مري ويا).
|
إِنْ كَانَتْ إِلاَّ صَيْحَة ً وَاحِدَة ً فَإِذَا هُمْ خَامِدُونَ |
Yā Ĥasratan `Alá Al-`Ibādi ۚ Mā Ya'tīhim Min Rasūlin 'Illā Kānū Bihi Yastahzi'ūn
| 036-030 ٻانھن تي ارمان آھي، (جو) وٽن ڪو (به اھڙو) پيغمبر نه آيو جنھن سان ٺـٺوليون نه ٿي ڪيائون.
|
يَاحَسْرَةً عَلَى الْعِبَادِ مَا ۚ يَأْتِيهِمْ مِنْ رَسُولٍ إِلاَّ كَانُوا بِهِ يَسْتَهْزِئُون |
'Alam Yaraw Kam 'Ahlaknā Qablahum Mina Al-Qurūni 'Annahum 'Ilayhim Lā Yarji`ūna
| 036-031 نه ڏٺو اٿن ڇا ته کانئن اڳ ڪيترائي (ماڻھن جا) طبقا ناس ڪياسون (جو) اُھي اُنھن ڏانھن موٽي نه ٿا اچن.
|
أَلَمْ يَرَوْا كَمْ أَهْلَكْنَا قَبْلَهُمْ مِنَ الْقُرُونِ أَنَّهُمْ إِلَيْهِمْ لاَ يَرْجِعُونَ |
Wa 'In Kullun Lammā Jamī`un Ladaynā Muĥđarūna
| 036-032 ۽ جيڪي به آھن سي سڀ اسان وٽ حاضر ڪبا.
|
وَإِنْ كُلّ ٌ لَمَّا جَمِيع ٌ لَدَيْنَا مُحْضَرُونَ |
Wa 'Āyatun Lahumu Al-'Arđu Al-Maytatu 'Aĥyaynāhā Wa 'Akhrajnā Minhā Ĥabbāan Faminhu Ya'kulūna
| 036-033 ۽ ھڪ نشاني اُنھن (جي جيارڻ) لاءِ مُئل زمين آھي، جنھن کي جياريوسون ۽ منجھانئس (اَن جا داڻا) ڪڍياسون جو اُن مان کائين ٿا.
|
وَآيَة ٌ لَهُمُ الأَرْضُ الْمَيْتَةُ أَحْيَيْنَاهَا وَأَخْرَجْنَا مِنْهَا حَبّا ً فَمِنْهُ يَأْكُلُونَ |
Wa Ja`alnā Fīhā Jannātin Min Nakhīlin Wa 'A`nābin Wa Fajjarnā Fīhā Mina Al-`Uyūni
| 036-034 ۽ منجھس کجورين ۽ ڊاکن جا باغ پيدا ڪياسون ۽ اُنھن (باغن) ۾ ڪي چشما وھاياسون.
|
وَجَعَلْنَا فِيهَا جَنَّاتٍ مِنْ نَخِيلٍ وَأَعْنَابٍ وَفَجَّرْنَا فِيهَا مِنَ الْعُيُونِ |
Liya'kulū Min Thamarihi Wa Mā `Amilat/hu 'Aydīhim ۖ 'Afalā Yashkurūna
| 036-035 (ھن لاءِ ته) سندن ڦر مان کائيندا رھن ۽ اُنھن (ميون) کي سندن ھٿن نه بڻايو آھي، پوءِ ڇونه شُڪرانو ڪندا آھن؟
|
لِيَأْكُلُوا مِنْ ثَمَرِهِ وَمَا عَمِلَتْهُ أَيْدِيهِمْ ۖ أَفَلاَ يَشْكُرُونَ |
Subĥāna Al-Ladhī Khalaqa Al-'Azwāja Kullahā Mimmā Tunbitu Al-'Arđu Wa Min 'Anfusihim Wa Mimmā Lā Ya`lamūna
| 036-036 اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن اُھا شيء جيڪا زمين ڄمائيندي آھي سا ۽ سندن جيئن مان ۽ جيڪي (شيون) نه ڄاڻندا آھن تن مان سڀني جنس کي (جوڙو جوڙو ڪوڙو ۽ مِٺو۽ نَر ۽ مادي) پيدا ڪيو.
|
سُبْحَانَ الَّذِي خَلَقَ الأَزْوَاجَ كُلَّهَا مِمَّا تُنْبِتُ الأَرْضُ وَمِنْ أَنفُسِهِمْ وَمِمَّا لاَ يَعْلَمُونَ |
Wa 'Āyatun Lahumu Al-Laylu Naslakhu Minhu An-Nahāra Fa'idhā Hum Mužlimūna
| 036-037 ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني رات آھي، (جو) اُن مان ڏينھن کي ڇڪي ڪڍندا آھيون پوءِ اُنھي مھل اُھي اونداھي ۾ رھندا آھن.
|
وَآيَة ٌ لَهُمُ اللَّيْلُ نَسْلَخُ مِنْهُ النَّهَارَ فَإِذَا هُمْ مُظْلِمُونَ |
Wa Ash-Shamsu Tajrī Limustaqarrin Lahā ۚ Dhālika Taqdīru Al-`Azīzi Al-`Alīmi
| 036-038 ۽ سج پنھنجي ٽڪاءَ جي جاءِ تي پيو ھلندو آھي، اِھو غالب (الله) جو اندازو (ٺھرايل) آھي.
|
وَالشَّمْسُ تَجْرِي لِمُسْتَقَرٍّ لَهَا ۚ ذَلِكَ تَقْدِيرُ الْعَزِيزِ الْعَلِيمِ |
Wa Al-Qamara Qaddarnāhu Manāzila Ĥattá `Āda Kāl`urjūni Al-Qadīmi
| 036-039 ۽ چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيوسون تان جو کجيءَ جي پراڻي بھاري جي ڳنيءَ وانگر وري ڏنگو ٿيندو آھي.
|
وَالْقَمَرَ قَدَّرْنَاهُ مَنَازِلَ حَتَّى عَادَ كَالْعُرْجُونِ الْقَدِيمِ |
Lā Ash-Shamsu Yanbaghī Lahā 'An Tudrika Al-Qamara Wa Lā Al-Laylu Sābiqu An-Nahāri ۚ Wa Kullun Fī Falakin Yasbaĥūna
| 036-040 نڪي سج کي چنڊ جي پھچڻ جي (ڪا) مجال آھي ۽ نڪي رات (سج لھڻ کان اڳ) ڏينھن تي اڳرائي ڪندڙ آھي، ۽ (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) سڀئي آسمان ۾ تَرن ٿا.
|
لاَ الشَّمْسُ يَنْبَغِي لَهَا أَنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ وَلاَ اللَّيْلُ سَابِقُ النَّهَارِ ۚ وَكُلٌّ فِي فَلَكٍ يَسْبَحُونَ |
Wa 'Āyatun Lahum 'Annā Ĥamalnā Dhurrīyatahum Fī Al-Fulki Al-Mashĥūni
| 036-041 ۽ اُنھن لاءِ ھڪ نشاني (ھيءَ به آھي) جو اسان سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙي ۾ کنيو.
|
وَآيَة ٌ لَهُمْ أَنَّا حَمَلْنَا ذُرِّيَّتَهُمْ فِي الْفُلْكِ الْمَشْحُونِ |
Wa Khalaqnā Lahum Min Mithlihi Mā Yarkabūna
| 036-042 ۽ اُنھن لاءِ اُن (ٻيڙيء) جھڙيون (ٻيون سواريون به) بڻايوسون جن تي سواري ڪندا آھن.
|
وَخَلَقْنَا لَهُمْ مِنْ مِثْلِهِ مَا يَرْكَبُونَ |
Wa 'In Nasha' Nughriqhum Falā Şarīkha Lahum Wa Lā Hum Yunqadhūna
| 036-043 ۽ جيڪڏھن گھرون ته کين ٻوڙي ڇڏيون پوءِ انھن لاءِ ڪو دانھن ورنائڻ وارو نه ٿئي ۽ نڪي اُھي ڇڏائبا.
|
وَإِنْ نَشَأْ نُغْرِقْهُمْ فَلاَ صَرِيخَ لَهُمْ وَلاَ هُمْ يُنقَذُونَ |
'Illā Raĥmatan Minnā Wa Matā`āan 'Ilá Ĥīnin
| 036-044 پر پاڻ وٽان ٻاجھ ڪئي سون ۽ ھڪ وقت تائين (اُھي) آسودا ڪياسون.
|
إِلاَّ رَحْمَة ً مِنَّا وَمَتَاعا ً إِلَى حِينٍ |
Wa 'Idhā Qīla Lahumu Attaqū Mā Bayna 'Aydīkum Wa Mā Khalfakum La`allakum Turĥamūna
| 036-045 ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته اُنھي (عذاب) کان ڊڄو جيڪو اوھان جي اڳيان ۽ اوھان جي پٺيان (اچڻو) آھي ته مانَ اوھان تي ٻاجھ ڪجي.
|
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ اتَّقُوا مَا بَيْنَ أَيْدِيكُمْ وَمَا خَلْفَكُمْ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ |
Wa Mā Ta'tīhim Min 'Āyatin Min 'Āyāti Rabbihim 'Illā Kānū `Anhā Mu`riđīna
| 036-046 ۽ سندن پالڻھار جي نشانين مان ڪائي (اھڙي) نشاني وٽن نهايندي آھي جنھن کان (ھو) منھن موڙيندڙ نه ھوندا آھن.
|
وَمَا تَأْتِيهِمْ مِنْ آيَةٍ مِنْ آيَاتِ رَبِّهِمْ إِلاَّ كَانُوا عَنْهَا مُعْرِضِينَ |
Wa 'Idhā Qīla Lahum 'Anfiqū Mimmā Razaqakumu Allāhu Qāla Al-Ladhīna Kafarū Lilladhīna 'Āmanū 'Anuţ`imu Man Law Yashā'u Allāhu 'Aţ`amahu~ 'In 'Antum 'Illā Fī Đalālin Mubīnin
| 036-047 ۽ جڏھن کين چئبو آھي ته جيڪي الله اوھان کي رزق ڏنو آھي تنھن مان خرچيو (تڏھن) ڪافر مؤمنن کي چوندا آھن ته اھڙي کي ڇو کارايون جو جيڪڏھن الله گھري ھا ته کيس کارائي ھا، اوھين اڳو پڌري گمراھيءَ ۾ آھيو.
|
وَإِذَا قِيلَ لَهُمْ أَنفِقُوا مِمَّا رَزَقَكُمُ اللَّهُ قَالَ الَّذِينَ كَفَرُوا لِلَّذِينَ آمَنُوا أَنُطْعِمُ مَنْ لَوْ يَشَاءُ اللَّهُ أَطْعَمَهُ~ُ إِنْ أَنْتُمْ إِلاَّ فِي ضَلاَلٍ مُبِينٍ |
Wa Yaqūlūna Matá Hādhā Al-Wa`du 'In Kuntum Şādiqīna
| 036-048 ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اِھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو.
|
وَيَقُولُونَ مَتَى هَذَا الْوَعْدُ إِنْ كُنتُمْ صَادِقِينَ |
Mā Yanžurūna 'Illā Şayĥatan Wāĥidatan Ta'khudhuhum Wa Hum Yakhişşimūna
| 036-049 اِھي رڳو ھڪ سخت آواز جو انتظار ڪندا آھن جو اُھي اُنھي حالت ۾ کين (اوچتو) پڪڙيندو جو اُھي جھڳڙو ڪندا ھوندا.
|
مَا يَنظُرُونَ إِلاَّ صَيْحَة ً وَاحِدَة ً تَأْخُذُهُمْ وَهُمْ يَخِصِّمُونَ |
Falā Yastaţī`ūna Tawşiyatan Wa Lā 'Ilá 'Ahlihim Yarji`ūna
| 036-050 پوءِ (اُھي) نڪي وصيت ڪري سگھندا ۽ نڪي پنھنجي گھر وارن ڏانھن موٽي سگھندا.
|
فَلاَ يَسْتَطِيعُونَ تَوْصِيَة ً وَلاَ إِلَى أَهْلِهِمْ يَرْجِعُونَ |
Wa Nufikha Fī Aş-Şūri Fa'idhā Hum Mina Al-'Ajdāthi 'Ilá Rabbihim Yansilūna
| 036-051 ۽ صُور ۾ ڦوڪبو پوءِ اُتي جو اُتي پنھنجي پالڻھار ڏانھن قبرن مان ڊوڙندا.
|
وَنُفِخَ فِي الصُّورِ فَإِذَا هُمْ مِنَ الأَجْدَاثِ إِلَى رَبِّهِمْ يَنسِلُونَ |
Qālū Yā Waylanā Man Ba`athanā Min Marqadinā ۜ ۗ Hādhā Mā Wa`ada Ar-Raĥmānu Wa Şadaqa Al-Mursalūna
| 036-052 چوندا ته اسان لاءِ ويل آھي اسان کي اسان جي سمھڻ جي جاءِ مان ڪنھن اُٿاريو؟ (ملائڪ چوندا ھائو) ھيءُ اُھو آھي جيڪو ٻاجھاري الله انجام ڏنو ھو ۽ پيغمبرن سچ چيو ھو.
|
قَالُوا يَاوَيْلَنَا مَنْ بَعَثَنَا مِنْ مَرْقَدِنَا هَذَا ۜ ۗ مَا وَعَدَ الرَّحْمَنُ وَصَدَقَ الْمُرْسَلُونَ |
'In Kānat 'Illā Şayĥatan Wāĥidatan Fa'idhā Hum Jamī`un Ladaynā Muĥđarūna
| 036-053 (اِھو واقعو) رڳو ھڪ سخت رڙ ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي گڏ ڪري اسان وٽ حاضر ڪيا ويندا.
|
إِنْ كَانَتْ إِلاَّ صَيْحَة ً وَاحِدَة ً فَإِذَا هُمْ جَمِيع ٌ لَدَيْنَا مُحْضَرُونَ |
Fālyawma Lā Tužlamu Nafsun Shay'āan Wa Lā Tujzawna 'Illā Mā Kuntum Ta`malūna
| 036-054 پوءِ اڄ ڪنھن جيءَ تي ڪجھ به ظلم نه ڪبو ۽ جيڪي ڪندا ھئو رڳو اُن جو اوھان کي بدلو ڏبو.
|
فَالْيَوْمَ لاَ تُظْلَمُ نَفْسٌ شَيْئا ً وَلاَ تُجْزَوْنَ إِلاَّ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ |
'Inna 'Aşĥāba Al-Jannati Al-Yawma Fī Shughulin Fākihūna
| 036-055 بيشڪ بھشتي اڄ ھڪ ڪم ۾ خوش ھوندا.
|
إِنَّ أَصْحَابَ الْجَنَّةِ الْيَوْمَ فِي شُغُلٍ فَاكِهُونَ |
Hum Wa 'Azwājuhum Fī Žilālin `Alá Al-'Arā'iki Muttaki'ūna
| 036-056 اُھي ۽سندين زالون ڇانوَن ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندڙ ھوندا.
|
هُمْ وَأَزْوَاجُهُمْ فِي ظِلاَلٍ عَلَى الأَرَائِكِ مُتَّكِئُونَ |
Lahum Fīhā Fākihatun Wa Lahum Mā Yadda`ūna
| 036-057 انھن لاءِ بھشت ۾ ميوا آھن ۽ جيڪي گھرندا سو (پڻ) انھن لاءِ آھي.
|
لَهُمْ فِيهَا فَاكِهَةٌ وَلَهُمْ مَا يَدَّعُونَ |
Salāmun Qawlāan Min Rabbin Raĥīmin
| 036-058 چيو ويندو ته پالڻھار مھربان (الله) کان (اوھان تي) سلام ھجي.
|
سَلاَمٌ قَوْلا ً مِنْ رَبٍّ رَحِيمٍ |
Wa Amtāzū Al-Yawma 'Ayyuhā Al-Mujrimūna
| 036-059 ۽ (چونداسون ته) اي گنھگارو اڄ (نيڪن کان) جدا ٿيو.
|
وَامْتَازُوا الْيَوْمَ أَيُّهَا الْمُجْرِمُونَ |
'Alam 'A`had 'Ilaykum Yā Banī 'Ādama 'An Lā Ta`budū Ash-Shayţāna ۖ 'Innahu Lakum `Adūwun Mubīnun
| 036-060 اي آدم جا اولاد اوھان ڏانھن پيغام نه موڪليو ھوم ڇا ته شيطان کي نه پوڄجو، جو بيشڪ اوھان جو پڌرو ويري آھي.
|
أَلَمْ أَعْهَدْ إِلَيْكُمْ يَابَنِي آدَمَ أَنْ لاَ تَعْبُدُوا الشَّيْطَانَ إِنَّهُ ۖ لَكُمْ عَدُوٌّ مُبِينٌ |
Wa 'Ani A`budūnī ۚ Hādhā Şirāţun Mustaqīmun
| 036-061 ۽ ته منھنجي عبادت ڪجو، (جو) اِھا سڌي واٽ آھي.
|
وَأَنِ اعْبُدُونِي ۚ هَذَا صِرَاطٌ مُسْتَقِيمٌ |
Wa Laqad 'Ađalla Minkum Jibillāan Kathīrāan ۖ 'Afalam Takūnū Ta`qilūna
| 036-062 ۽ بيشڪ (شيطان) اوھان مان گھڻيءَ خلق کي گمراھ ڪيو، پوءِ اوھين نه سمجھندا ھُئو ڇا؟
|
وَلَقَدْ أَضَلَّ مِنْكُمْ جِبِلّا ً كَثِيراً ۖ أَفَلَمْ تَكُونُوا تَعْقِلُونَ |
Hadhihi Jahannamu Allatī Kuntum Tū`adūna
| 036-063 ھيءُ اُھو دوزخ آھي (جنھن) جو اوھان کي وعدو ڏبو ھو.
|
هَذِهِ جَهَنَّمُ الَّتِي كُنتُمْ تُوعَدُونَ |
Aşlawhā Al-Yawma Bimā Kuntum Takfurūna
| 036-064 اُن ۾ اڄ انھي ڪري گِھڙو جو ڪفر ڪندا ھُئو.
|
اصْلَوْهَا الْيَوْمَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ |
Al-Yawma Nakhtimu `Alá 'Afwāhihim Wa Tukallimunā 'Aydīhim Wa Tash/hadu 'Arjuluhum Bimā Kānū Yaksibūna
| 036-065 اڄ سندن واتن تي مُھر ھڻنداسون ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت سندن ھٿ اسان سان ڳالھائيندا ۽ سندن پير شاھدي ڏيندا.
|
الْيَوْمَ نَخْتِمُ عَلَى أَفْوَاهِهِمْ وَتُكَلِّمُنَا أَيْدِيهِمْ وَتَشْهَدُ أَرْجُلُهُمْ بِمَا كَانُوا يَكْسِبُونَ |
Wa Law Nashā'u Laţamasnā `Alá 'A`yunihim Fāstabaqū Aş-Şirāţa Fa'anná Yubşirūna
| 036-066 ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين اکين کي ناس ڪريون پوءِ واٽ ڏانھن ڊوڙن ته پوءِ ڪٿان ڏسندا؟
|
وَلَوْ نَشَاءُ لَطَمَسْنَا عَلَى أَعْيُنِهِمْ فَاسْتَبَقُوا الصِّرَاطَ فَأَنَّى يُبْصِرُونَ |
Wa Law Nashā'u Lamasakhnāhum `Alá Makānatihim Famā Astaţā`ū Muđīyāan Wa Lā Yarji`ūna
| 036-067 ۽ جيڪڏھن گھرون ته سندين جاين تي (ئي) کين بد شڪل ڪري ڇڏيون ته پوءِ نڪي اڳتي ھلي سگھن ۽ نڪي پوءَ تي موٽن.
|
وَلَوْ نَشَاءُ لَمَسَخْنَاهُمْ عَلَى مَكَانَتِهِمْ فَمَا اسْتَطَاعُوا مُضِيّا ً وَلاَ يَرْجِعُونَ |
Wa Man Nu`ammirhu Nunakkis/hu Fī Al-Khalqi ۖ 'Afalā Ya`qilūna
| 036-068 ۽ جنھن کي وڏي ڄمار وارو ڪندا آھيون تنھن کي بڻاوت ۾ اونڌو ڪندا آھيون، (ايتري ڳالھ به)نه سمجھندا آھن ڇا؟
|
وَمَنْ نُعَمِّرْهُ نُنَكِّسْهُ فِي الْخَلْقِ ۖ أَفَلاَ يَعْقِلُونَ |
Wa Mā `Allamnāhu Ash-Shi`ra Wa Mā Yanbaghī Lahu~ ۚ 'In Huwa 'Illā Dhikrun Wa Qur'ānun Mubīnun
| 036-069 ۽ اُن (پيغمبر) کي نڪي شعر سيکاريو اٿون ۽ نڪي (شعر) اُن جو لائق آھي، ھيءَ ته نصيحت ۽ پڌرو قرآن آھي.
|
وَمَا عَلَّمْنَاهُ الشِّعْرَ وَمَا يَنْبَغِي لَهُ~ُ ۚ إِنْ هُوَ إِلاَّ ذِكْرٌ وَقُرْآنٌ مُبِينٌ |
Liyundhira Man Kāna Ĥayyāan Wa Yaĥiqqa Al-Qawlu `Alá Al-Kāfirīna
| 036-070 ته اُنھي کي ڊيڄاري جيڪو جيئرو (يعني سمجھ وارو) ھجي ۽ ڪافرن تي حجت ثابت ٿئي.
|
لِيُنْذِرَ مَنْ كَانَ حَيّا ً وَيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَى الْكَافِرِينَ |
'Awalam Yaraw 'Annā Khalaqnā Lahum Mimmā `Amilat 'Aydīnā 'An`āmāan Fahum Lahā Mālikūna
| 036-071 نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان انھن لاءِ انھن شين مان ڍور پيدا ڪيا جن کي اسان جي ھٿن بڻايو؟ پوءِ اُھي اُنھن جا مالڪ آھن.
|
أَوَلَمْ يَرَوْا أَنَّا خَلَقْنَا لَهُمْ مِمَّا عَمِلَتْ أَيْدِينَا أَنْعَاما ً فَهُمْ لَهَا مَالِكُونَ |
Wa Dhallalnāhā Lahum Faminhā Rakūbuhum Wa Minhā Ya'kulūna
| 036-072 ۽ اُنھن (ڍورن) کي اُنھن جو تابعدار ڪيوسون پوءِ منجھانئن ڪي سندن چڙھيءَ جا آھن ۽ منجھانئن ڪي (اُھي) کائيندا آھن.
|
وَذَلَّلْنَاهَا لَهُمْ فَمِنْهَا رَكُوبُهُمْ وَمِنْهَا يَأْكُلُونَ |
Wa Lahum Fīhā Manāfi`u Wa Mashāribu ۖ 'Afalā Yashkurūna
| 036-073 ۽ اُنھن لاءِ اُنھن (ڍورن) ۾ گھڻا فائدا آھن ۽ پيئڻ جون شيون (يعني کِير) آھن، پوءِ اُھي ڇونه شُڪر ڪندا آھن؟
|
وَلَهُمْ فِيهَا مَنَافِعُ وَمَشَارِبُ ۖ أَفَلاَ يَشْكُرُونَ |
Wa Attakhadhū Min Dūni Allāhi 'Ālihatan La`allahum Yunşarūna
| 036-074 ۽ الله کانسواءِ ٻيا معبود ڪري ورتا اٿن ته مانَ کين مدد ڏني وڃي.
|
وَاتَّخَذُوا مِنْ دُونِ اللَّهِ آلِهَة ً لَعَلَّهُمْ يُنصَرُونَ |
Lā Yastaţī`ūna Naşrahum Wa Hum Lahum Jundun Muĥđarūna
| 036-075 (اُھي) کين مدد ڏئي نه سگھندا ۽ اُھي (بُت) اُنھن جو لشڪر ٿي گڏ ڪيا ويندا.
|
لاَ يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَهُمْ وَهُمْ لَهُمْ جُندٌ مُحْضَرُونَ |
Falā Yaĥzunka Qawluhum ۘ 'Innā Na`lamu Mā Yusirrūna Wa Mā Yu`linūna
| 036-076 پوءَ (اي پيغمبر) توکي سندن چوڻ نه ڏکوئي، جيڪي ڳجھو ڪندا آھن ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا.
|
فَلاَ يَحْزُنْكَ قَوْلُهُمْ ۘ إِنَّا نَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ |
'Awalam Yara Al-'Insānu 'Annā Khalaqnāhu Min Nuţfatin Fa'idhā Huwa Khaşīmun Mubīnun
| 036-077 ماڻھوءَ نه ڏٺو آھي ڇا ته اسان کيس نُطفي مان بڻايو پوءِ تڏھن ته اُھو پڌرو جھيڙاڪ ٿيندو آھي.
|
أَوَلَمْ يَرَ الإِنسَانُ أَنَّا خَلَقْنَاهُ مِنْ نُطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُبِينٌ |
Wa Đaraba Lanā Mathalāan Wa Nasiya Khalqahu ۖ Qāla Man Yuĥyī Al-`Ižāma Wa Hiya Ramīmun
| 036-078 ۽ اسان لاءِ ھڪ مثال بيان ڪندو آھي ۽ پنھنجي بڻاوت وساريندو آھي، ۽ چوندو آھي ته (ھنن)ھڏن کي ڪير جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.
|
وَضَرَبَ لَنَا مَثَلا ً وَنَسِيَ خَلْقَهُ ۖ قَالَ مَنْ يُحْيِي الْعِظَامَ وَهِيَ رَمِيمٌ |
Qul Yuĥyīhā Al-Ladhī 'Ansha'ahā 'Awwala Marratin ۖ Wa Huwa Bikulli Khalqin `Alīmun
| 036-079 (اي پيغمبر کين) چؤ ته جنھن اُنھن کي پھريون ڀيرو بڻايو سو اُنھن کي (وري) جياريندو ۽ اُھو سڀڪنھن پيدائش کي ڄاڻندڙ آھي.
|
قُلْ يُحْيِيهَا الَّذِي أَنشَأَهَا أَوَّلَ مَرَّةٍ ۖ وَهُوَ بِكُلِّ خَلْقٍ عَلِيمٌ |
Al-Ladhī Ja`ala Lakum Mina Ash-Shajari Al-'Akhđari Nārāan Fa'idhā 'Antum Minhu Tūqidūna
| 036-080 جنھن سائي وڻ مان اوھان لاءِ باھ پيدا ڪئي پوءِ اوچتو اوھين اُن مان باھ ٿا ٻاريو.
|
الَّذِي جَعَلَ لَكُمْ مِنَ الشَّجَرِ الأَخْضَرِ نَارا ً فَإِذَا أَنْتُمْ مِنْهُ تُوقِدُونَ |
'Awalaysa Al-Ladhī Khalaqa As-Samāwāti Wa Al-'Arđa Biqādirin `Alá 'An Yakhluqa Mithlahum ۚ Balá Wa Huwa Al-Khallāqu Al-`Alīmu
| 036-081 جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو سو انھن جھڙن جي بڻائڻ تي وس وارو نه آھي ڇا؟ ھائو! (وس وارو آھي)، ۽ اُھو وڏو بڻائيندڙ (سڀ) ڄاڻندڙ آھي.
|
أَوَلَيْسَ الَّذِي خَلَقَ السَّمَاوَاتِ وَالأَرْضَ بِقَادِرٍ عَلَى أَنْ يَخْلُقَ مِثْلَهُمْ ۚ بَلَى وَهُوَ الْخَلاَّقُ الْعَلِيمُ |
'Innamā 'Amruhu~ 'Idhā 'Arāda Shay'āan 'An Yaqūla Lahu Kun Fayakūnu
| 036-082 سندس حُڪم ھن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه آھي ته جڏھن ڪا شيء بڻائڻ گھرندو آھي ته اُن لاءِ رڳو چوندو آھي ته ٿيءُ ته (اھا شي) ٿي پوندي آھي.
|
إِنَّمَا أَمْرُهُ~ُ إِذَا أَرَادَ شَيْئاً أَنْ يَقُولَ لَهُ كُنْ فَيَكُونُ |
Fasubĥāna Al-Ladhī Biyadihi Malakūtu Kulli Shay'in Wa 'Ilayhi Turja`ūna
| 036-083 پوءِ اُھو (الله) پاڪ آھي جنھن جي ھٿ ۾ ھر شيءَ جي حڪومت آھي ۽ ڏانھس اوھين موٽايا ويندؤ.
|
فَسُبْحَانَ الَّذِي بِيَدِهِ مَلَكُوتُ كُلِّ شَيْءٍ وَإِلَيْهِ تُرْجَعُونَ |
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |