Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |
Yā 'Ayyuhā Al-Muddaththiru
| 074-001 اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
|
يَاأَيُّهَا الْمُدَّثِّرُ |
Qum Fa'andhir
| 074-002 کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
|
قُمْ فَأَنذِرْ |
Wa Rabbaka Fakabbir
| 074-003 ۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
|
وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ |
Wa Thiyābaka Faţahhir
| 074-004 ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
|
وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ |
Wa Ar-Rujza Fāhjur
| 074-005 ۽ پليتي کان پري رھ.
|
وَالرُّجْزَ فَاهْجُرْ |
Wa Lā Tamnun Tastakthiru
| 074-006 ۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
|
وَلاَ تَمْنُنْ تَسْتَكْثِرُ |
Wa Lirabbika Fāşbir
| 074-007 ۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
|
وَلِرَبِّكَ فَاصْبِرْ |
Fa'idhā Nuqira Fī An-Nāqūri
| 074-008 پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
|
فَإِذَا نُقِرَ فِي النَّاقُورِ |
Fadhālika Yawma'idhin Yawmun `Asīrun
| 074-009 تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
|
فَذَلِكَ يَوْمَئِذٍ يَوْمٌ عَسِيرٌ |
`Alá Al-Kāfirīna Ghayru Yasīrin
| 074-010 ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
|
عَلَى الْكَافِرِينَ غَيْرُ يَسِيرٍ |
Dharnī Wa Man Khalaqtu Waĥīdāan
| 074-011 مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيمتنھن کي ڇڏي ڏي.
|
ذَرْنِي وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيداً |
Wa Ja`altu Lahu Mālāan Mamdūdāan
| 074-012 ۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
|
وَجَعَلْتُ لَهُ مَالا ً مَمْدُوداً |
Wa Banīna Shuhūdāan
| 074-013 ۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
|
وَبَنِينَ شُهُوداً |
Wa Mahhadtu Lahu Tamhīdāan
| 074-014 ۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
|
وَمَهَّدْتُ لَهُ تَمْهِيداً |
Thumma Yaţma`u 'An 'Azīda
| 074-015 وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
|
ثُمَّ يَطْمَعُ أَنْ أَزِيدَ |
Kallā ۖ 'Innahu Kāna Li'yātinā `Anīdāan
| 074-016 ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
|
كَلاَّ ۖ إِنَّهُ كَانَ لِأيَاتِنَا عَنِيداً |
Sa'urhiquhu Şa`ūdāan
| 074-017 جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
|
سَأُرْهِقُهُ صَعُوداً |
'Innahu Fakkara Wa Qaddara
| 074-018 بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
|
إِنَّهُ فَكَّرَ وَقَدَّرَ |
Faqutila Kayfa Qaddara
| 074-019 پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
|
فَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ |
Thumma Qutila Kayfa Qaddara
| 074-020 وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
|
ثُمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ |
Thumma Nažara
| 074-021 وري (غور ڪري) ڏٺائين.
|
ثُمَّ نَظَرَ |
Thumma `Abasa Wa Basara
| 074-022 وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
|
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ |
Thumma 'Adbara Wa Astakbara
| 074-023 وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
|
ثُمَّ أَدْبَرَ وَاسْتَكْبَرَ |
Faqāla 'In Hādhā 'Illā Siĥrun Yu'utharu
| 074-024 پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
|
فَقَالَ إِنْ هَذَا إِلاَّ سِحْرٌ يُؤْثَرُ |
'In Hādhā 'Illā Qawlu Al-Bashari
| 074-025 ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
|
إِنْ هَذَا إِلاَّ قَوْلُ الْبَشَرِ |
Sa'uşlīhi Saqara
| 074-026 جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
|
سَأُصْلِيهِ سَقَرَ |
Wa Mā 'Adrāka Mā Saqaru
| 074-027 ۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
|
وَمَا أَدْرَاكَ مَا سَقَرُ |
Lā Tubqī Wa Lā Tadharu
| 074-028 اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
|
لاَ تُبْقِي وَلاَ تَذَرُ |
Lawwāĥatun Lilbashari
| 074-029 ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
|
لَوَّاحَة ٌ لِلْبَشَرِ |
`Alayhā Tis`ata `Ashara
| 074-030 اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
|
عَلَيْهَا تِسْعَةَ عَشَرَ |
Wa Mā Ja`alnā 'Aşĥāba An-Nāri 'Illā Malā'ikatan ۙ Wa Mā Ja`alnā `Iddatahum 'Illā Fitnatan Lilladhīna Kafarū Liyastayqina Al-Ladhīna 'Ūtū Al-Kitāba Wa Yazdāda Al-Ladhīna 'Āmanū 'Īmānāan ۙ Wa Lā Yartāba Al-Ladhīna 'Ūtū Al-Kitāba Wa Al-Mu'uminūna ۙ Wa Liyaqūla Al-Ladhīna Fī Qulūbihim Marađun Wa Al-Kāfirūna Mādhā 'Arāda Allāhu Bihadhā Mathalāan ۚ Kadhālika Yuđillu Allāhu Man Yashā'u Wa Yahdī Man Yashā'u ۚ Wa Mā Ya`lamu Junūda Rabbika 'Illā Huwa ۚ Wa Mā Hiya 'Illā Dhikrá Lilbashari
| 074-031 ۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
|
وَمَا جَعَلْنَا أَصْحَابَ النَّارِ إِلاَّ مَلاَئِكَة ً ۙ وَمَا جَعَلْنَا عِدَّتَهُمْ إِلاَّ فِتْنَة ً لِلَّذِينَ كَفَرُوا لِيَسْتَيْقِنَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ وَيَزْدَادَ الَّذِينَ آمَنُوا إِيمَانا ً ۙ وَلاَ يَرْتَابَ الَّذِينَ أُوتُوا الْكِتَابَ وَالْمُؤْمِنُونَ ۙ وَلِيَقُولَ الَّذِينَ فِي قُلُوبِهِمْ مَرَضٌ وَالْكَافِرُونَ مَاذَا أَرَادَ اللَّهُ بِهَذَا مَثَلا ً ۚ كَذَلِكَ يُضِلُّ اللَّهُ مَنْ يَشَاءُ وَيَهْدِي مَنْ يَشَاءُ ۚ وَمَا يَعْلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلاَّ هُوَ ۚ وَمَا هِيَ إِلاَّ ذِكْرَى لِلْبَشَرِ |
Kallā Wa Al-Qamari
| 074-032 سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
|
كَلاَّ وَالْقَمَرِ |
Wa Al-Layli 'Idh 'Adbara
| 074-033 ۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
|
وَاللَّيْلِ إِذْ أَدْبَرَ |
Wa Aş-Şubĥi 'Idhā 'Asfara
| 074-034 ۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
|
وَالصُّبْحِ إِذَا أَسْفَرَ |
'Innahā La'iĥdá Al-Kubari
| 074-035 ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
|
إِنَّهَا لَإِحْدَى الْكُبَرِ |
Nadhīrāan Lilbashari
| 074-036 (سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
|
نَذِيرا ً لِلْبَشَرِ |
Liman Shā'a Minkum 'An Yataqaddama 'Aw Yata'akhkhara
| 074-037 اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
|
لِمَنْ شَاءَ مِنْكُمْ أَنْ يَتَقَدَّمَ أَوْ يَتَأَخَّرَ |
Kullu Nafsin Bimā Kasabat Rahīnatun
| 074-038 سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
|
كُلُّ نَفْس ٍ بِمَا كَسَبَتْ رَهِينَةٌ |
'Illā 'Aşĥāba Al-Yamīni
| 074-039 پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
|
إِلاَّ أَصْحَابَ الْيَمِينِ |
Fī Jannātin Yatasā'alūna
| 074-040 (بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
|
فِي جَنَّاتٍ يَتَسَاءَلُونَ |
`Ani Al-Mujrimīna
| 074-041 ڏوھارين کان.
|
عَنِ الْمُجْرِمِينَ |
Mā Salakakum Fī Saqara
| 074-042 ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
|
مَا سَلَكَكُمْ فِي سَقَرَ |
Qālū Lam Naku Mina Al-Muşallīna
| 074-043 چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
|
قَالُوا لَمْ نَكُ مِنَ الْمُصَلِّينَ |
Wa Lam Naku Nuţ`imu Al-Miskīna
| 074-044 ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
|
وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ الْمِسْكِينَ |
Wa Kunnā Nakhūđu Ma`a Al-Khā'iđīna
| 074-045 ۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
|
وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ الْخَائِضِينَ |
Wa Kunnā Nukadhdhibu Biyawmi Ad-Dīni
| 074-046 ۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
|
وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوْمِ الدِّينِ |
Ĥattá 'Atānā Al-Yaqīnu
| 074-047 تان جو اسان کي موت پھتو.
|
حَتَّى أَتَانَا الْيَقِينُ |
Famā Tanfa`uhum Shafā`atu Ash-Shāfi`īna
| 074-048 پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
|
فَمَا تَنْفَعُهُمْ شَفَاعَةُ الشَّافِعِينَ |
Famā Lahum `Ani At-Tadhkirati Mu`riđīna
| 074-049 پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
|
فَمَا لَهُمْ عَنِ التَّذْكِرَةِ مُعْرِضِينَ |
Ka'annahum Ĥumurun Mustanfiratun
| 074-050 ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
|
كَأَنَّهُمْ حُمُرٌ مُسْتَنْفِرَةٌ |
Farrat Min Qaswaratin
| 074-051 جي شينھن کان ڀڳا ھجن.
|
فَرَّتْ مِنْ قَسْوَرَةٍ |
Bal Yurīdu Kullu Amri'in Minhum 'An Yu'utá Şuĥufāan Munashsharatan
| 074-052 بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
|
بَلْ يُرِيدُ كُلُّ امْرِئٍ مِنْهُمْ أَنْ يُؤْتَى صُحُفا ً مُنَشَّرَةً |
Kallā ۖ Bal Lā Yakhāfūna Al-'Ākhirata
| 074-053 ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
|
كَلاَّ ۖ بَلْ لاَ يَخَافُونَ الآخِرَةَ |
Kallā 'Innahu Tadhkiratun
| 074-054 سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
|
كَلاَّ إِنَّهُ تَذْكِرَةٌ |
Faman Shā'a Dhakarahu
| 074-055 پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
|
فَمَنْ شَاءَ ذَكَرَهُ |
Wa Mā Yadhkurūna 'Illā 'An Yashā'a Allāhu ۚ Huwa 'Ahlu At-Taqwá Wa 'Ahlu Al-Maghfirati
| 074-056 ۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.
|
وَمَا يَذْكُرُونَ إِلاَّ أَنْ يَشَاءَ اللَّهُ ۚ هُوَ أَهْلُ التَّقْوَى وَأَهْلُ الْمَغْفِرَةِ |
Toggle thick letters. Most people make the mistake of thickening thin letters in the words that have other (highlighted) thick letter | Toggle to highlight thick letters خصضغطقظ رَ |